گهوٽڪي (رپورٽر ) گهوٽڪي ڀرسان پوليس جو ڏوهارين سان مبينا مقابلو هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، گهوٽڪي پوليس موجب پنهجو باغ لنڪ روڊ تي پوليس معمول مطابق گشت ڪري رهي هئي ته ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين پوليس موبائل مٿان فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ ڀورل عرف ڀوري ڀٽو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار وٽان پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي ۽ ان جا ساٿي فرار ٿي ويا ، پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار ڀورو عرف ڀوري ڀٽو مٿان مختلف ٿاڻن تي پوليس مقابلن ۽ ڦر جا ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن