وارهه (ن پ ا) وارهه ڀرسان واٽر ڪورس ۾ نوجوان ٻڏي فوت، گهر ۾ ڪهرام. خبر موجب وارهه ڀرسان ڳوٺ سروير لاشاري ۾ زمين تي ڪم ڪرڻ دوران 20 ورهين جو نجم الدين ٻرڙو واٽر ڪورس ۾ ٻڏي ويو، وارثن پهچي نوجوان کي خانگي اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽر سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، فوتي نوجوان جي والد علي بخش ٻرڙو ٻڌايو ته سندس پٽ مرگهي جي بيماري ۾ مبتلا هو، جيڪو زمين تي ڪم ڪندي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش وارث ايمبولينس ذريعي ڳوٺ سروير لاشاري کڻائي ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.