ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ لياري ڀرسان مير واھ ڪئنال ۾ وھنجدي ٻڏي ويل ٻن ڀائرن مان هڪ 9 ورهين جي عبدالسلام جو لاش هٿ اچي ويو آهي، جڏهن ته حمزه ولد ذوالفقار ڪانڌڙو جو پتو نه پئجي سگهيو،ايم پي اي منور وساڻ پڻ واقعي واري هنڌ پهچي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو ۽ انتظاميا کي وارثن سان سهڪار ڪرڻ جون هدايتون ڪيون، ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاھ جيلاني پاران به ٻڏي ويل ٻن ڀائرن جي وارثن سان فون تي رابطو ڪري ڏک جو اظهار ڪيو , جڏهن ته ميرواه ڪئنال ۾ ٻڏي ويل نينگر جي امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.