وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) وارث ڏنو ماڇي ويجهو ڳوٺ صيفل بوزدار تي نامعلوم هٿياربندن جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي، هڪ ڪلاڪ تان فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، اطلاع تي پوليس پهتي، جنهن بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن بقا محمد بوزدار، مجاهد علي، امجد علي، نظير ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پنهنجي ئي برداري جي ماڻهن سان زمين جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ آھي، جن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، هوڏانهن بقا محمد بوزدار جي فرياد تي صحبت، ذوالفقار علي، گلزار، دليجان، اظهر علي، خاوند بخش ۽ گهرام خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي.