ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان 20 ڏينھن اڳ اغوا ڄاڻايل نينگري ھٿ، الزام ھيٺ آيل نوجوان لاڪ اپ، نينگري کي اڄ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪنري شھر جي جوزف آباد مان 20 ڏينھن اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل نينگري ڪملا ڌيءَ پرڀو ميگهواڙ کي ڪنري پوليس هٿ ڪري ورتو. پوليس نينگري کي الزام هيٺ آيل نوجوان غلام رسول سولنگي سميت ھٿ ڪري ڪنري ٿاڻي تي آندو. جنھن بعد نوجوان کي لاڪ اپ ڪيو ويو. ناري ڪملا ميگھواڙ ٻڌايو ته مسلمان ٿي غلام رسول سولنگي سان پسند جي شادي ڪئي آھي اسلامي نالو ياسمين رکيو آھي. پوليس موجب نينگري کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪنداسين. ياد رھي ته نينگري جي والد پرڀو ميگھواڙ جي فرياد تي ڪنري ٿاڻي تي الزام ھيٺ آيل نوجوان غلام رسول سولنگي ۽ ٽن اڻڄاتل ماڻھن خلاف نينگري جي اغوا جو ڪيس پڻ داخل ٿيل آھي. جنھن ۾ نينگري جي ڄمار 16 سال ڄاڻائي وئي آھي.