جروار (ن پ ا) جروار ٿاڻي حد ۾ سبزي وڪرو ڪندڙ پورهيتن کان لکين روپيا ڦر، يارولنڊ ۾ سبزي وڪرو ڪندڙ دڪاندر کان شير علي پل وٽ 15 کان مٿي هٿياربند روڊ بلاڪ ڪري ڦرلٽ بعد فرار ٿي ويا. متاثرن موجب جروار پوليس بروقت اطلاع ڏيڻ بعد دير سان پهتي. واقعي بعد مظاهرين ٽائرن کي باهيون ڏئي گهوٽڪي- جروار روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب جروار ٿاڻي جي حد گهوٽڪي- جروار روڊ تي نامعلوم هٿياربند شير علي پوليس پڪٽ ڀرسان يارو لنڊ جي پورهيتن کان لکين رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اهڙو اطلاع ڏنو ويو پر پوليس موبائيل خراب هجڻ ڪري پوليس 2 ڪلاڪ دير پهتي. پورهيتن ڌرڻو هڻي جروار- گهوٽڪي روڊ ٽن ڪلاڪن تائين بلاڪ ڪري ڇڏيو. بعد ۾ جروار پهچي مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باھ ڏيئي ميرپور- خانپورمهر ۽ يارولنڊ طرف ويندڙ ٽرئفڪ معطل ڪري ڇڏي. پورهيتن عاشق محمداڻي، رضوان مهر، هاشم لنڊ، پرويز لنڊ ۽ ٻين چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن انصاف نه ٿيو ته اسان ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو. هوڏانهن جروار پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.