ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺورو ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ وڌندڙ مهانگائي خلاف تحريڪ انصاف پاران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي مظاهرين دانش خان، باغو چانڊيو، شاهجهان لنڊ، ۽ سرفراز سومرو چيو ته ٻوڏ سبب ماڻهو دربدر ٿي ويا آهن، مٿان مهانگائي ڪري عوام کي پريشان ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته پرڏيهي امداد باوجود ٻوڏ متاثرن جي واهر ناهي ٿي، مهانگائي ختم ڪري متاثرن جي مدد ڪئي وڃي.