موهن جو دڙو (ن پ ا) موهن جو دڙو ڀرسان  هاءِ اسڪول ٽاٽڙي جي هيڊ ماستر پاران ٻوڏ متاثرن کان اسڪول خالي ڪرائڻ تان جهيڙو ٿي پيو،ٻوڏ برسات متاثرن زاهد ٿهيم، اصغر ٿهيم هيڊ ماستر مسعود منگي مٿان لتن مڪن ٺونشن سان وسڪارو ڪري رتو رت ڪري ڇڏيو، ويهڙ ٿاڻي تي ٻن جوابدارن تي اين سي داخل ڪئي وئي، جڏھن ته ويهڙ پوليس هڪ جوابدار اصغر ٿهيم کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، هوڏانهن هيڊ ماستر مسعود منگي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان کي ڊي اي او جو مٿان کان حڪم مليل آھي ته اسڪول ۾ ويٺل ٻوڏ متاثرن کان جلد اسڪول خالي ڪرائي ۽ رپورٽ ڏني وڃي، هن چيو ته اسان ويٺل اسڪول ۾ ٻوڏ متاثرن کي اسڪول خالي ڪرائڻ لاءِ چيو ته جوابدار زاهد ٿهيم اصغر ٿهيم مون مٿان حملو ڪري سخت زخمي ڪيو آھي، هن چيو ته اسان ويهڙ ٿاڻي تي ٻن جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي ورتي آھي پوليس هڪ جوابدار اصغر ٿهيم کي گرفتار ڪيو آھي، هوڏانهن ويهڙ پوليس جو چوڻ آھي ته اسان استاد مٿان حملو ڪندڙ ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي وڌيڪ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري استاد سان انصاف ڪيو ويندو.