مدئجي  (ن پ ا ) مدئجي ۾ وارهه ڪئنال ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن عبدالخالق پنهور، وڏيرو ممتاز ڀٽو، انيس ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جندوديرو پل مين سکر لاڙڪاڻو روڊ تي ٽريڪٽر ٽراليون بيهاري ڌرڻو هنيو. مظاهرين ۽ مسافرن ۾ منهن ماري پڻ ٿيندي رهي. اڳواڻن چيو ته آبپاشي انجنيئر ۽ ايس ڊي او پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري وارهه ڪينال کي سڪائي ڇڏيو آھي، ھزارين ايڪڙ زمينون سڪي بنجر ٿي ويون آھن. پاڻي نه هجڻ سبب ساريالو فصل به سڙي رهيو آهي.هوڏانهن ڌرڻي جي ٽن ڪلاڪن بعد ايس ايچ او مدئجي مظاهرين سان ڳالهيون ڪرڻ بعد آبپاشي عملدارن سان ڳالهائي مسئلو حل ڪرائڻ جي يقين ڌياني ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرائي روڊ کولرايو.پوليس ۽ مظاهرين ايريگيشن آفيس پهتا جتي ڪوبه آفيسر موجود نه هو، جنهن تي مظاهرين چيوته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن ۾ مسئلو حل نه ٿيو ته ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو.