برلن (م ڊ) جرمني ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ تباهي آڻي ڇڏي، 42 ڄڻا فوت، درجنين گم ٿي ويا، جرمني جي اولهه وارن علائقن ۾ تيز برساتن سبب ايندڙ ٻوڏ ڪيترن ئي علائقن ۾ نظام ڊانواڊول ڪري ڇڏيو آهي، رياست رائن لينڊ ۽ نارٿ رائن ويسٽ فيليا ۾ ٻوڏ جي وهڪرن جي نتيجي ۾ 42 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 50 جي لڳ ڀڳ ماڻهو گم آهن. اولهه جرمني ۾ تيز برساتن دوران ڪيترائي گهر پڻ پٽ پئجي ويا آهن، پوليس موجب ٻوڏ وهڪرن ۾ ڪيترائي گهر وهي ويا. اولهه حصي ۾ سمورا تعليمي ادارا بند ڪيا ويا ۽ عوامي چر پر تي به پابندي وڌي وئي آهي، پوليس موجب اولهه يورپ ۾ رڪارڊ ٽوڙ برساتن جي نتيجي ۾ جرمني جي احرويلر نالي شهر ۾ 18 ۽ پاڙيسري ملڪ بيلجيم ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا. موسمياتي ماهرين جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلي سبب اهڙين وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي.