خيرپور (رپورٽر) اربين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل ماڊرن سول اسپتال ڪروڙين رپين جي بجيٽ ملڻ باوجود مريض لاڀ حاصل ڪري سگهيا نه آهن.سول اسپتال جي فرش تي ليٽيل هڪ مريض عورت جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ساڃاهه وندن ۾ ڳڻتيءَ جي لهر پکڙجي وئي آهي. ٻئي پاسي سول اسپتال ۾ داخل مريضن ۽ انهن جي وارثن جو چوڻ آهي ته سول اسپتال ۾ ڪروڙين رپين جي بجيٽ جي باوجود مريضن کي پرائيويٽ اسٽورن تان دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي ڊاڪٽر دوائن جي ڪمپنين مان فائدا وٺڻ لاءِ مريضن کي اُهي دوائون لکي ڏين ٿا جيڪي سول اسپتال ۾ موجود نه آهن جنهن ڪري مجبور ٿي انهن کي اُهي دوائون پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تان خريد ڪرڻيون پون ٿيون جڏهن ته سول اسپتال جا ڊاڪٽر انتهائي لاپرواهي جو مظاهرو ڪندي مريضن جو بهتر علاج ڪرڻ بدران فقط فارملٽي پوري ڪري رهيا آهن جنهن ڪري مريضن جو بهتر علاج نه ٿيڻ سبب اُهي مختلف پريشانين کي منهن ڏين ٿا. هنن چيو ته سول اسپتال جي مختلف شعبن ٻاهران ويهڻ لاءِ ڪُرسين جو بندوبست نه هجڻ ڪري مريض بي يارو مددگار ليٽيل آهن پر اسپتال انتظاميا کي انهن جو ڪوبه احساس نه آهي.