ڪراچي: قطر اسپتال ۾ مريضن جي ماني جي بجيٽ ۾ به گهوٻيون!!

0
229

ڪراچي: اورنگي ٽائون جي قطر اسپتال ۾ داخل مريضن جي ماني لاءِ ملندڙ بجيٽ ۾ مبينا ڪرپشن جو انڪشاف سامهون آيو آهي. صحت کاتي جي ذريعن موجب اسپتال کي ساليانو ساڍا پنج ڪروڙ 47 لک روپيا مريضن جي ماني لاءِ ملن ٿا، جن ۾ گهوٻين جو معاملو سامهون آيو آهي، جنهن جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪميٽي جو سربراهه چلڊرين اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر نديم اختر شيخ مقرر، جڏهن ته ميمبرن ۾ صحت کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري رياض جکراڻي ۽ سروسز اسپتال جو ايڊيشنل سول سرجن عارف رشيد شامل آهن، ڪميٽي کي هڪ هفتي ۾ رپورٽ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.