جاتي (رپورٽ: علي اڪبر ٿهيم) جاتي شهر ڀرسان ڳوٺ عرس ٽيمڙو ۾ غربت سبب پنهنجن ٻن پٽن جا عيد لاءِ نوان ڪپڙا نه وٺي سگهڻ تي شادي شده عورت 25 سالن جي پروين زال خدابخش ٿهيمور گهر اندر ڳچيءَ ۾ ڦاهو ٻڌي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. عورت جو مڙس خدا بخش ٿهيمور ڳوٺ ۾ معمولي اجوري تي مال چاريندو آهي. عورت پروين جي ماءُ مريم ٿهيمور پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ غربت سبب پنهنجن ننڍڙن پٽن لاءِ عيد جا ڪپڙا نه وٺي سگهڻ تي مايوس ٿي خودڪشي ڪئي آهي. ٻئي طرف جاتي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي بيان قلمبند ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو. جنازي نماز بعد ناريءَ جو مڙهه مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو.