اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ زرعي ترقياتي بينڪ جي 112 نائب صدرن جي تنزلي وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي زرعي بينڪ کي هدايت ڪئي آهي ته بينڪ جو بورڊ ٽن مهينن اندر فيصلو ڪري، ڪالهه چيف جسٽس اطهر من الله پاران 16 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته بينڪ جي 112 نائب صدرن جي تنزلي وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، زرعي بينڪ جو بورڊ ٽن مهينن اندر ان حوالي سان فيصلو ڪري عدالت کي آگاهه ڪري، ٽن مهينن اندر فيصلو نه ڪيو ويو ته انهن آفيسرن جي ترقي وارو نوٽيفڪيشن غير موثر ٿي ويندو، جنهن کان پوءِ عهدن تي پراڻي قائدن ۽ ضابطن طور نيون ڀرتيون ڪيون وينديون، زرعي ترقياتي بينڪ جو بورڊ ٽن سالن کان نه جوڙيو ويو آهي، بورڊ نه جوڙڻ سبب سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ۾ دير ٿي رهي آهي.