اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو وزارت جي ترجمان گهرو وزير شيخ رشيد پاران سيڪيورٽي گارڊ تبديل ڪرڻ جي حوالي سان گردش ڪندڙ خبرن کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ گهرو وزارت جي ترجمان چيو آهي ته گهرو وزير شيخ رشيد کي سرڪاري پروٽوڪول لاءِ ڏنل سيڪيورٽي گارڊ تبديل ڪري نئين سيڪيورٽي گارڊن طور عيسائي ۽ هندو مذهب سان تعلق رکندڙ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙين گردش ڪندڙ خبرن ۾ اهو به چيو پيو وڃي ته مسلمان گارڊن کي شدت پسندي ۽ گهرو وزير جي جان کي خطري سبب هٽايو ويو آهي، اهڙيون خبرون بي بنياد ۽ جعلي آهن.