ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت متحده باني جي چڙ ڏياريندڙ تقرير ۽ ميڊيا هائوسز تي حملن بابت ڪيس جي ٻڌڻي رينجرز جو وڪيل پيش نه ٿيڻ سبب 29 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪالهه ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر فاروق ستار، شاهد پاشا ۽ ٻيا پيش ٿيا. هوڏانهن اي ٽي سي ڪلفٽن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته نائن زيرو هٿيار ڪيس ۾ ڪارڪنن جي بريت مان ايم ڪيو ايم جو موقف درست ثابت ٿيو آهي، نائن زيرو مان مليل سمورا هٿيار لائسنس وارا هئا، عدالت پڻ چئي ڇڏيو آهي ته استغاثه ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ناڪامي رهيو، هن چيو ته ڌماڪيدار مادو رکڻ واري ڪيس مان به سمورا ساٿي بري ٿي چڪا آهن، اميد آهي ته باقي دوست به هاءِ ڪورٽ مان آزاد ٿي ويندا.