زخمي صحافي نصرالله گڏاڻي جي طبيعت سڌرڻ لڳي، حملي خلاف مظاهرا

0
28
شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي جو هفتو گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿي سگهيو
شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي جو هفتو گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ طبيعت سڌرڻ لڳي

نصرالله گڏاڻي کي گذريل ڏينهن ايئر ايمبولنس ذريعي رحيم يار خان مان ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو، نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي خلاف سنڌ ۾ مظاهرا جاري  آهن

 ميرپور ماٿيلو ۾ ايس ايس پي آفيس جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو جاري رکيو ويو، قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو ويو

 سيوهڻ، ڪنڌرا، حيات پتافي، منهڙو، مورو ۽ باڊهه ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ صحافين طرفان احتجاج ڪيو ويو

 مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نصرالله گڏاڻي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي، صحافي تي قاتلاڻو حملو ڪندڙن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي