قاضي احمد ۾ ڪيميڪل مليل کير وڪرو ٿيڻ جي اطلاعن تي شهرين ۾ ڳڻتيءَ جي لهر

0
26
قاضي احمد ۾ ڪيميڪل مليل کير وڪرو ٿيڻ جي اطلاعن تي شهرين ۾ ڳڻتيءَ جي لهر
قاضي احمد ۾ ڪيميڪل مليل کير وڪرو ٿيڻ جي اطلاعن تي شهرين ۾ ڳڻتيءَ جي لهر

قاضي احمد ۾ ڪيميڪل مليل کير وڪرو ٿيڻ جي اطلاعن تي شهرين ۾ ڳڻتيءَ جي لهر پکڙيل، شهرين رات دير سان کير جي هڪ ٽينڪر کي پوليس جي مدد سان روڪي ورتو

 شهرين موجب روز رات جو ٽينڪر ذريعي ڪيميڪل مليل کير دوڪانن تائين پهچايو وڃي ٿو، ڪجهه ڏينهن اڳ اسسٽنٽ ڪمشنر مختلف دوڪانن تي ڇاپا هڻي ڪيميڪل مليل کير ضايع ڪرايو هو

 شهرين پاران ڊي سي کان کير جي چڪاس ڪرائي ڪيميڪل مليل کير جو وڪرو بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي