پريا ڪماري ۽ شهيد جان محمد مهر ڪيسن ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، جلد عوام کي خوشخبري ڏينداسين: ڊي آءِ جي سکر

0
38

ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه چيو آهي ته ٻارڙي پريا ڪماري جي اغوا ڪيس ۽ شهيد جان محمد مهر جي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، جلد عوام کي خوشخبري ٻڌائينداسين

ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه سکر ۾ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صحافي نصر الله گڏاڻي تي قاتلاڻو حملو بلائينڊ ڪيس آهي، ڪجهه سراغ مليا آهن جن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، اميد آهي ته حملو ڪندڙ جلد گرفتار ٿي ويندا

ڊي آءِ جي پير محمد شاهه چيو ته شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، جلد سندس قاتل گرفتار ڪيا ويندا، پريا ڪماري جي ڪيس ۾ به اڳڀرائي ٿي آهي، جلد خوشخبري ملندي

هن چيو ته شهر ۾ ڏوهاري ان ڪري آزاديءَ سان ڪارروائيون ڪن ٿا جو ڪير کين پڪڙي نه ٿو، ڪجهه گروهه پڪڙي ڪارروائي ڪئي ويندي ته شهر مان ڏوهه به ختم ٿي ويندا