ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 تي عوامي نيشنل پارٽي نواز ليگ جي اميدوار مفتاح اسماعيل جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو،ڪالهه هتي پريس ڪلب ۾ نواز ليگ جي اڳواڻن شاهه محمد شاهه ۽ مفتاح اسماعيل سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي سربراهه شاهي سيد چيو ته 2018ع ۾ به اسان نواز ليگ سان اتحاد ڪيو هو، هاڻوڪي ننڍي چونڊ ۾ به نواز ليگ جي اميدوار مفتاح اسماعيل جي حمايت ڪريون ٿا، اسانجا ڪارڪن ايس او پيز جو خيال رکندي اليڪشن ڏهاڙي پولنگ اسٽيشن تي پهچي ووٽ ڪندا، نواز ليگ سنڌ جي صدر شاهه محمد شاهه چيو ته مريم نواز ڪورونا ڪري دورو ملتوي ڪيو، اسين هاڻي وڏا جلسا نه ڪنداسين پر ڪارنر ميٽنگز جاري رکنداسين، هن تڪ تان اڳ ۾ به شهباز شريف کٽي چڪو هو ، بلديا ٽائون سميت اين اي 249 جو عوام سمجهي ٿو ته سندن مسئلا حل نواز ليگ ڪندي، انهي ڪري وقت تي اليڪشن ٿيڻ گهرجن، مڪمل ايس او پيز سان عوام پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندو، اين اي 249 تي نواز ليگ جي اميدوار مفتاح اسماعيل چيو ته اي اين پي جا شڪر گذار آهيون، جن پنهنجا ماڻهو پولنگ ايجنٽ طور مقرر ڪرڻ لاءِ يقين ڏياريو آهي، اسان کي جي يو آءِ جي حمايت به حاصل آهي، اسانجي گهر گهر مهم هلندڙ آهي، هوڏانهن نوز ليگ پاران بلديا ٽائون ۾ رٿيل جلسو ملتوي ڪيو ويو هو