ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني ۽ پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي چيو آهي ته اين اي 249 تي پ پ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي، الڪيشن مهم جي حوالي سان سڀاڻي 26 اپريل تي جلسو ڪيو ويندو، ڪالهه پيپلز سيڪريٽريٽ تي ڪراچي ڊويزن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اين اي 249 تي رٿيل اليڪشن سرگرمين جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پ پ عوامي خدمت ۾ يقين رکي ٿي، ڪراچي جي بلدياٽائون سميت مختلف علائقن ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، جنهن سبب اين اي 249 تي رٿيل اليڪشن ۾ پ پ اميدوار کي ئي ڪاميابي ملندي، هنن چيو ته سڀاڻي 26 فيبروري تي پ پ پاران جلسو پڻ ڪيو ويندو، جنهن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ مختلف ڪاميٽيون پڻ جوڙيون ويون.