اسلام آباد/لاهور/ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا مريضن لاءِ پاڪستان ۾ آڪسيجن جي کوٽ پيدا ٿيڻ لڳي، آڪسيجن جي طلب وڌڻ تي منافعي خور به سرگرم ٿي ويا، آڪسيجن سلنڊر جي قيمت ۾ 400 رپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي، ننڍي سلنڊر جي قيمت ۾ 100 رپيا ۽ وڏي سلينڊر جي قيمت ۾ 400 رپيا اضافو ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري ڪورونا متاثرن جا وارث به پريشان ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ ميڊيڪل آڪسيجن سلنڊر ڊيلرن ٻڌايو ته هن وقت گهرن ۾ ڪورنٽائن ٿيل ڪورونا مريضن پاران سلنڊر خريد ڪري گهرن ۾ رکڻ سبب سلنڊرن جي کوٽ ٿي آهي، 55 ڪيوبڪ فوٽن وارو سلنڊر 10 هزار، 110 فوٽن وارو سلنڊر 15 هزار ۽ 240 فوٽن وارو سلنڊر وري 23 هزارن ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، هنن ٻڌايو ته سرڪار ڪورونا جي علاج ۾ ڪتب ايندڙ ٻين اوزارن جي امپورٽ تي رعايت ڏني آهي پر اڄ به امپورٽ ٿيندڙ آڪيسجن جي خالي سلنڊر تي 3750 رپيا ۽ 400 سلنڊرن جي ڪنٽينر تي 4 لک رپيا ڊيوٽي ورتي پئي وڃي، هنن چيو ته ملڪ ۾ آڪسيجن کي کوٽ ناهي ۽ نه ئي وري انهي جا اگهه وڌيا آهن، هن وقت به 55 ڪيوبڪ فوٽن وارو سلنڊر 400 رپيا ، 120 فوٽن وارو سلنڊر 1200 رپيا ۽ 240 فوٽن وارو سلنڊر 1800 رپين ۾ ڀري ڏيندا آهيون، ٻئي طرف پاڪستان ۾ آڪسيجن ٺاهيندڙ ڪمپنين خبردار ڪندي چيو آهي ته ڪورونا جي موجوده صورتحال دوران جيڪڏهن آڪسيجن جي صنعتي شعبي کي فراهمي نه روڪي وئي ته اسپتالن ۾ سخت کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي،اختيارين اهو خطرو به ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسپتالن کي مسلسل آڪسيجن جي فراهمي نه ٿي ته ڀارت جهڙي صورتحال به پيدا ٿي سگهي ٿي. آڪسيجن ٺاهيندڙ ڪمپنين جو چوڻ آهي ته اهي عام حالتن ۾ هڪ مهيني جو اسٽاڪ رکندا آهن پر موجوده صورتحال ۾ کين روز جي بنياد تي آڪسيجن فراهم ڪرڻي پئجي رهي آهي. پاڪستان آڪسيجن لميٽيڊ موجب ملڪ ۾ 5 ڪمپنيون آهن، جيڪي اسپتالن کي آڪسيجن فراهم ڪنديون آهن، موجوده حالتن ۾ اهي پنهنجون 100 سيڪڙو پيداوار ڏئي رهيون آهن. اختيارين چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ تي آڪسيجن ٺاهيندڙ ڪمپنين تي دٻاءُ وڌي ويندو.