ثانيه مرزا جي 4 سالن بعد واپسي: ميچ کٽي ورتي

0
399

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا جي 4 سالن بعد ومبلڊن ۾ واپسي ٿي آهي، وومين ڊبلز جي ميچ کٽي اڳين رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ثانيه مرزا امريڪي پارٽنر بيٿاني ميٽنگ سينڊس جي جوڙي جي پهرين رائونڊ ۾ هين نمبر جي ڊيزير اي ڪرازڪ ۽ ايلڪس گواراچي جي جوڙي کي شڪست ڏني. ثانيه ۽ سينڊس اهو مقابلو ست پنج ۽ ڇهه ٽي تان کٽي ورتو. ثانيه مرزا پٽ سان گڏ سيلفي وٺي ڪاميابي کي سيليبريٽ ڪيو، ومبلڊن ٽينس ۾ ثانيه جي پٽ جي پيدائش بعد اها پهرين شرڪت آهي.