انگلينڊ پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو: دنگل 8 جولاءِ کان شروع

0
204

ڪارڊف(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ پاڪستان خلاف ون ڊي ميچز جي سيريز لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سريلنڪا خلاف سيريز ۾ حصو وٺڻ لاءِ اسڪواڊ کي برقرار رکيو آهي. انگلش اسڪواڊ ۾ ڪپتان اين مورگن، معين علي، جوني بيرسٽو، ٽام بينٽن، جو روٽ، عادل رشيد، سليم بلنگز، ليام ڊائونسن ۽ جارج گارٽن به شامل آهن. انگلينڊ جي ٽيم ۾ شامل ٻين رانديگرن ۾ جيسن راءِ، ٽام ڪورن، ليام ليوينگسٽن ۽ سام ڪرن شامل آهن. فاسٽ بالر ڊيوڊ ولي، مارڪ ووڊ، ڪرس ووڪس به اسڪواڊ جو حصو آهن. پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ 8 جولاءِ تي ڪارڊف ۾ ٿيندي.