ٿورڙي ڪاوڙ تي مداح آپگهات جي ڪوشش ڪئي: شائستا لوڌي

0
275

ڪراچي (شوبز نيوز) ميزبان ۽ اداڪارا شائستا لوڌي پنهنجي هڪ مداح جي حوالي سان خوفزده ڪندڙ واقعي بابت ٻڌايو آهي.شائستا لوڌي تازو ئي هڪ ويب چينل کي انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ کانئس ذاتي زندگي سميت ڪم ڪار جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شائستا چيو ته هڪ ڇوڪري هئي، جيڪا مونکي صبح، منجهند ۽ شام جو فون ڪري تنگ ڪندي هئي، ان کي اها خبر هوندي هئي ته مان ڪٿي آهيان ۽ ڇا ڪري رهي آهيان، منهنجون گهر ۽ ٻين جاين تي نڪتل تصويرون ان وٽ هونديون هيون.اداڪارا جو چوڻ هو ته اها تمام عجيب قسم جي ڇوڪري هئي، ان هڪ ڀيرو مون ڏي فون ڪيو ۽ مون ان تي ٿوري ڪاوڙ ڪئي ته منهنجي ذاتي زندگي آهي، توهان مونکي ايترو تنگ ڇو ڪري رهيا آهيو، جنهن تي ان ڇوڪري ڪجهه دوائون وغيره کائي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن بعد ان کي هڪ نجي اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هو.شائستا چيو ته اسپتال مان مون کي ان ڇوڪري جي والده جي فون ڪال آئي، جنهن سبب آئون ڊڄي ويس، ٽن چئن ڏينهن تائين ان ڇوڪري جي والده کي فون ڪندي رهندي هئس ۽ ان جي طبيعت جي باري ۾ ڄاڻ وٺندي رهندي هئس.انٽرويو دوران اداڪارا چيو ته مداحن جي اها ذميواري هوندي آهي ته اهي اسان کي گهڻو پريشان ڪرڻ کان پاسو ڪن پر اسان جي به اها ذميواري هوندي آهي ته جيڪڏهن ڪو اسان سان بيحد پيار ڪري ٿو ته اسان ان کي سٺي طريقي سان سمجهايون، ڇو ته توهان ڪهڙي به حالت ۾ آهيو اها ڳالهه مداحن کي سمجهه ۾ نه ايندي آهي ۽ هڪ وقت ۾ انسان کي رڳو آرٽسٽ ئي هجڻ گهرجي. وڌيڪ شيون نه هجڻ گهرجن.