پهرين شادي ناڪام ٿيڻ تي ٻي شادي ڪرڻ ۾ هرج ناهي:عائشه عمر

0
216

لاهور(شوبز نيوز) مقبول اداڪارا عائشا عمر چيو آهي ته جيڪڏهن هڪ شادي ناڪام ٿي وڃي ته ٻي شادي ڪري سگهجي ٿي.عائشا عمر تازو ئي هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي کانئس سوال ۽ جواب جي هڪ سيشن ۾ ٻن آپشنن مان ڪنهن به هڪ کي چونڊ ڪرڻ جو چيو ويو.اداڪارا کان پروگرام ۾ پڇيو ويو ته شادي هڪ ڀيرو ڪرڻ گهرجي يا ٻه ڀيرا به ڪري سگهجي ٿي، ان سوال جو جواب ڏيندي عائشا عمر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پهرين شادي ڪامياب ثابت نٿي ٿئي ته ٻي شادي به ڪري سگهجي ٿي، ڪوشش ڪجي ته شادي هڪ ئي ڪرڻ گهرجي ۽ سٺي هئڻ گهرجي.اداڪارا طنز واري انداز سان اهو چيو ته ڇا اهو پٿر تي ليڪو آهي ته شادي رڳو هڪ ئي ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اها ڪامياب شادي ثابت نه ٿئي ته پوءِ اذيت ۾ ڇو رهڻ گهرجي، زندگي جو ساٿي اهڙو چونڊيو وڃي، جيڪو لڳي ته بس اهو ئي هڪ آهي.