ملازم ڇوڪري سان بدسلوڪي، ناديا حسين وضاحت ڏئي ڇڏي

0
282

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل ناديا حسين پنھنجي وائرل ٿيندڙ وڊيو متعلق وضاحتي بيان جاري ڪيو آھي، ڪجھھ ڏينھن اڳ ناديا حسين جي ھڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ھئي، جنھن ۾ ھو گھريلو ملازم ڇوڪري کي بٽڻ بند نھ ڪرڻ ۽ موبائيل ۾ مصروف رھڻ تي ڇڙٻون ڏئي رھي آھي، جڏھن تھ اداڪاراھ انسٽاگرام تي ھڪ جاري وڊيو ۾ چيو آھي تھ ھي ھڪ برانڊ جي مھم ھئي، برانڊ جو نالو جلد ٻڌايو ويندو، ناديا حسين چيو آھي تھ ھڪ ڳالھھ مان واضح ڪرڻ چاھيان ٿي تھ پنھنجي ملازم ڇوڪري يا ڪم ڪندڙ اسٽاف کي ڇڙٻ ڏيڻ جو مسئلو نھ ھجڻ گھرجي، خاص طور تي بجلي جي حوالي سان ڪو خطرو ھجي، ٿورو انھن کي ڇڙٻ ڏيڻ گھرجي تھ ھو آگاھ رھن.