ڊائنوسار جي ٻچي جون ڪروڙين سال پراڻيون هڏيون هٿ

0
239

سڊني: (دلچسپ نيوز) آسٽريليا ۾ ڊائنوسار جي ٻچي جون هڏيون هٿ ڪيون ويون آهن جنهن جي باري ۾ ماهرن جو چوڻ آهي ته هي ڪروڙين سال پراڻيون هڏيون آهن.ميڊيا رپورٽن موجب آسٽريليا جي صوبي وڪٽوريه ۾ تحقيق ڪندڙن کي پهاڙن مان ڊاننوسار جي ٻچي جون هڏيون مليون آهن جنهن جو وزن 7 پونڊ آهي.شروعاتي تجربي کان پوءِ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي هڏيون ڪروڙين سال پراڻيون آهن پر ڊائنوسار جي ٻچي جي جسامت ۽ موت جي سبب جي باري ۾ اڃان ڪجهه نٿو ٻڌائي سگهجي.تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته جتان کان هي هڏيون مليون اتان اهڙين وڌيڪ هڏين جي ڳولا ڪئي ويندي.