سون سمجهي ڪيترن ئي سالن کان رکيل پراڻو پٿر وڌيڪ قيمتي نڪتو

0
828

آسٽريليا: (دلچسپ نيوز) آسٽريليا جي هڪ شهري عجيب وغريب پٿر جي هڪ وڏي ٽڪڙي کي ڪيترن ئي سالن کان ان اميد تي پنهنجي پاڻ وٽ رکيو ته شايد هي سون آهي پر هي پٿر سون ته ثابت نه ٿيو پر ان کان به وڌيڪ قيمتي نڪتو.ماهرن ان کي ناياب ترين(شهابي پٿر) جو نالو ڏئي ڇڏيو آهي. سال 2015 ۾ ڊيوڊ هول کي آسٽريليا جي هڪ پارڪ مان اهو پٿر مليو هو جيڪو زنگ لڳڻ سبب ڳاڙهي رنگ سان تمام گهڻو وزني هو. ڊيوڊ ان کي مشڪل سان پنهنجي گهر کڻي آيو ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ان جو زنگ لاهڻ يا ان ۾ سوراخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.هي پٿر ميري بورو جي گولڊ فيلڊز جي علائقي مان مليو هو جيڪو 19هين صدي ۾ سون جي ڳولا جو هڪ اهم مرڪز هو. ڊيوڊ پٿر کي ڪٽڻ، ٽوڙڻ ۽ سوراخ ڪرڻ جي لاءِ هر طريقو استعمال ڪيو. هن طاقتور ڊرل مشين، ڪٽنگ مشين ۽ ڪيترن ئي قسمن جا تيزاب به آزمايا ته جيئن پٿر جي اندران سون ڪڍي سگهجي.ميلبورن ميوزيم جي ماهر ڊرموٽ هينري ٻڌايو ته جڏهن شهابيه زميني فضا ۾ داخل ٿيو ته هوا جي رگڙ سان ان جي صورت جوڙي وئي. ان موجب هي پٿر غير معمولي طور تي وزني هو.پر جائزو وٺڻ کان پوءِ خبر پئي ته هي آسماني پٿر 4.6 ارب سال قديمي آهي جنهن جو وزن 17 ڪلو گرام آهي.سائنسدانن ان کي ناياب شهابي پٿر جو نالو ڏنو آهي جنهن ۾ فولاد جي غير معمولي مقدار موجود آهي ان جي اندر قلمي صورت ۾ هڪ ڌاتي معد ڪونڊريولز موجود آهي جيڪا هڪ حيرت ۾ وجهندڙ شيءَ آهي. پر اڃان به اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته هي ميٽورائيٽ يا شهابي ٽڪڙو آخر آيو ڪٿان آهي. ۽ زمين تي ڪيتري عرصي کان موجود آهي.ڪارين ڊينننگ جي شروعاتي جاچ مان خبر پئي آهي ته هي زمين تي 100 کان وٺي 1000 هزار سالن کان موجود آهي. سائنسدانن ان کي ميري بورو شهابي پٿر جو نالو ڏيندي ان کي سون، چاندي ۽ پلاٽينم کان به قيمتي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.