گهوٽ ڪنوارايمبولينس ۾ چڙهي شادي هال پهتا،ڄاڃي پريشان

0
263

ڪوالالمپور(دلچسپ نيوز)ملائيشيا ۾ شادي جي هڪ انوکي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ گهوٽ ڪنوار روايتي انداز ۾ شادي هال ۾ داخل ٿيڻ بجاءِ هڪ ايمبولينس ۾ شادي هال ۾ پهتا، جڏهن ته نه گهوٽ بيمار هو نه وري ڪنوار. ايمبولينس ۾ شادي هال ۾ انٽري تي گهوٽ ڪنوار تي تمام گهڻي تنقيد پڻ ٿي.ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شادي هال ۾ مهمانن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي اچانڪ ايمبولينسون شادي هال ۾ پهچن ٿيون ۽ گهوٽ ڪنوار کي اسٽريچر ذريعي ايمبولينس مان لاهي شادي هال ۾ نيو ويو. مختلف رابطن وارين ويب سائيٽن تي ماڻهن پاران گهوٽ ڪنوار کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي، ماڻهن جو چوڻ آهي ته ايمبولينس مريضن جي لاءِ هونديون آهن تفريح جي لاءِ نه. ملائيشا حڪومت جو چوڻ آهي ته ايمبولينس سرڪاري نه پر پروائيٽ آهن جيڪي گهوٽ ڪرائي تي حاصل ڪيون آهن. رپورٽ موجب گهوٽ هڪ نجي اسپتال ۾ اسسٽنٽ ميڊيڪل آفيسر آهي جنهن پنهنجي شادي کي يادگار بنائڻ جي لاءِ ايمبولينس جو استعمال ڪيو.