ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته بلدياتي اليڪشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿي ويا پر ڪامياب ٿيڻ وارا شرمائين پيا، اليڪشن کان اڳ مردم شماري ۽ تڪ بنديون توڙي ووٽرز جي ڳڻپ ضروري هوندي آهي، سنڌ حڪومت لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2021 جي تحت تڪ بنديون ڪيون، جيڪي نوٽيفڪيشن جاري ڪري 12 جنوري تي واپس ورتيون ويون، پر 15 جنوري تي بنا تڪ بندين جي اليڪشن ٿي وئي، جڏهن تڪ بنديون رهيون ئي نه ته پوءِ ووٽ ڪهڙي يوسي ۾ پيو هوندو؟ هن چيو ته آئيني ادارا عدالت فيصلو ڪري ٻڌائي ته 15 جنوري واري اليڪشن جي آئيني حيثيت ڪهڙي آهي، اليڪشن نه پر ايڪشن ٿيو هو ۽ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ آپريشن ٿيو هو، هن چيو ته احتجاج اسان جو جهموري حق آهي پر انهي کان اڳ اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت کي موقعو ڏيون ٿا ته ايندڙ هفتي اليڪشن ڪميشن کي نيون تڪ بنديون شروع ڪرڻ گهرجن، اسان جيڪو وفاقي حڪومت سان معاهدو ڪيو هو انهي ۾ 6 هون نقطو ئي تڪ بنديون هو. ان موقعي تي فاروق ستار ڳالهائيندي چيو ته فيبروري ۾ جلسو ڪنداسين.