اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي نائب صدر فواد چوڌري جي گرفتاري جي پي ٽي آءِ سخت مذمت ڪئي آهي، پي ٽي آءِ جي سينيئر وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته فواد چوڌري جي صبح سوير بنا وارنٽ جي گرفتاري هن ملڪ جي جمهوريت ۽ قانون جي بالادستي تي هڪ زوردار چماٽ آهي، فواد چوڌري جو ڪهڙو قصور آهي، ڪهڙي ڏوهه جي تحت ان کي کنيو ويو آهي، خدارا پاڪستان سان راند بند ڪئي وڃي نه ته حالتون ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ نه رهنديون، تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر چيو آهي ته سچ ڪڙو هوندو آهي ۽ فواد چوڌري سچ ڳالهائيندو آهي ان جي حراست جو بس هڪ اهو ئي سبب آهي، بابر اعواڻ چيو آهي ته فواد جي غيرقانوني گرفتاري ۽ غير آئيني ايف آءِ آر جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا، اليڪشن ڪميشن هاڻي پي ٽي آءِ جي خلاف ڪرمنل ڪيس جي مدعي آهي، ڇا مدعي پاڻ مخالف فريق سان انصاف ڪري سگهي ٿو؟ ڪڏهن به نه، سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي اليڪشن ڪميشن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، حماد اظهر چيو آهي ته فواد چوڌري جي گرفتاري کان پوءِ ڊالر کي به گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش، ان کان نه معيشت هلي رهي آهي نه سياست، عمران خان جي چيف آف اسٽاف سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته فواد چوڌري جي گرفتاري هن حڪومت جي بزدلي جو ثبوت آهي، شيرين مزاري چيو  ته فواد چوڌري کي گرفتار نه پر اغوا ڪيو ويو آهي، منشي ڪا گار آهي، جيڪڏهن سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي منشي چيو ويو ته ڇا ٿيو؟ مان عدالتن کان سوال ڪيان ٿي ته ڪيستائين عدالتون خاموش رهنديون؟