ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هٿياربندن سياسي ڪارڪن کي گھر ۾ گھڙي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جو نتيجو آهي، ڪورنگي 6 نمبر ۾ هٿياربندن گھر ٻاهران ويٺل 30 ورهين جي راشد ولد امام الدين تي فائر ڪيا. پوليس موجب راشد گولين کان بچڻ لاءِ گھر ۾ داخل ٿيو ته هٿياربندن گھر ۾ گھڙي گوليون هنيون، راشد کي 3 گوليون لڳيون، مٿي ۾ لڳل گولي سندس موت جو سبب بڻي. پوليس موجب مقتول الياس ڳوٺ ۾ زمينن جو ڪم ڪندو هو، سندس 2 ڀائر اڳ ۾ ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيا ويا، مقتول جو مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رهيو، 2 سالن کان پ پ ۾ هو، واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، مختلف رخن کان جاچ جاري آهي