اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ تڪڙيون چونڊون ڪرايون وڃن، اسان کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي اسان جو صبر وڌيڪ دير نه رهندو، عوام کي خطاب ۾ عمران خان چيو ته پاڪستان جي معيشت هن وقت تباهه آهي، آءِ ايم ايف پروگرام باوجود رپيو ڪِري رهيو آهي، موجوده حڪومت وٽ معيشت ٺيڪ ڪرڻ جو ڪو پلان ناهي، اهي رڳو پيسو گهري رهيا آهن، هن چيو ته مٿي ويٺلن کي پي ٽي آءِ جي مقبوليت جو اندازو ٿي ويو، ملڪ کي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ فوري اليڪشن ڪرائي وڃي، جيتري دير هي حڪمران ويٺل رهندا، بحران وڌندو ويندو، هن حڪومت جي ساک نه ملڪ ۾ آهي ۽ نه ٻاهر، سياسي اسحڪام نه آيو ته خوف آهي ته صورتحال سڀني جي هٿن مان نه نڪري وڃي، هن چيو ته سياسي استحڪام بنا معيشت ٺيڪ نٿي ٿي سگهي، ٻوڏ جو بهانو بڻائي چونڊون ملتوي ڪيون ويون، موجوده حڪومت جي ساک پاڪستان ۾ آهي نه ئي ٻاهر، پي ٽي آءِ اڪيلي سياسي جماعت آهي، جيڪا ملڪ کي متحد رکي سگهي ٿي. عمران خان چيو ته حڪومت وٽ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جو ڪوبه پلان نه آهي، وڏا وڏا ڏوهاري اهم عهدن تي ويٺا آهن، 60 سيڪڙو ڪابينا ضمانت تي آهي، اهي ملڪ جو سوچڻ  بدران پنهنجا ڪرپشن ڪيس ختم ڪرائڻ ۾ لڳل آهن، طاقتور ماڻهو اسان خلاف سازش کي روڪي پئي سگهيا، مون کين سمجهايو ته اسان وڏي ڏکيائين سان معيشت کي سنڀاليو آهي، جيڪڏهن ڪا به سازش ڪامياب ٿي ته اهي ملڪ نه سنڀالي سگهندا. عمران خان چيو ته اسان تي ڪيسن جو مينهن وسي رهيو آهي، اسان جي ماڻهن کي دٻايو پيو وڃي، اهو ئي ٿيندو رهيو ته ملڪ ۾ ڪير به ڏڦيڙ کي نه روڪي سگهندو، جيئن اسان کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي اسان جو صبر گهڻي دير نه رهندو، جيڪڏهن هي ملڪ کي ائين ئي پوئتي ڌڪيندا ويندا ته احتجاج جو سڏ ڏيڻو ئي پوندو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت تي نه پاڪستان ۾ اعتماد آهي ۽ نه ملڪ کان ٻاهر، جڏهن اسان حڪومت ڇڏي ته ان وقت ملڪي ذخيرا 16 ارب ڊالر هئا، ڪورونا باوجود اسان ملڪي معيشت مستحڪم ڪئي، جنهن جي دنيا تعريف ڪئي، 17 سالن کانپوءِ بهترين گروٿ ريٽ هو.