لنڊن(م ڊ) برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ جو مڙهه سڀاڻي سرڪاري اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. سڄي ملڪ جا ماڻهو سندس آخري ديدار ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن. راڻي جو مڙهه هاڻ سرڪاري تحويل ۾ آهي ۽ بڪنگهم پيلس کان منتقل ڪيو ويو آهي جيڪو هاڻ قبرستان نيو ويندو. ماڻهو لائينون ٺاهي سندس آخري ديدار ڪري رهيا آهن. روايتي طور تي راڻي يا بادشاهه جي وفات جي خبر ماکي جي مکين کي به ڏني وئي آهي ان لاءِ بڪنگهم پيلس ۾ موجود ماکي جي مکين کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ خاص طور تي ڪجهه ماڻهن کي اماڻيو ويو. ان باري ۾ جان چيپل نالي همراهه به اهو ڪم ڪيو جنهن جو ڪم ئي ماکي جون مکيون پالڻ آهي. هن چيو ته مون ماکي جي مکين کي اهو به چيو ته نئين بادشاهه سان سٺو سلوڪ ڪن. اها رسم ان وهم جو حصو آهي ته جيڪڏهن ماکي جي مکين کي شاهه جي وفات جي باري ۾ نه ٻڌايو وڃي ته اهي ماکي ٺاهڻ بند ڪري ڇڏينديون آهن.