اسلام آباد (م ڊ) ملڪي مٽا سٽا ناڻي جا ذخيرا 9 سٽپمبر تي هلندڙ هفتي دوران 15ڪروڙ 61 لک ڊالر گهٽجي ويا آهن. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب مٽا سٽا ناڻي جا ذخيرا 15 ڪروڙ  61 ڊالر مان گهٽجي 14 ارب 31 ڪروڙ ڊالر رهيا. اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 17.59 ڊالر گهٽجي 8.62 ارب ڊالر ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 1.98 ڪروڙ ڊالر وڌي 5.69 ارب ڊالر تي اچي ويا آهن.