اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران جي پريس ڪانفرنس ۾ زبان وري ترڪي وئي ۽ هن اٽو ڪلو بدران لٽر ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو. هو وڊيو لنڪ وسيلي خطاب واري پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو ته ان دوران هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي ۽ ڪراچي ۾ اٽو 100 رپيا ليٽر کان وڌي ويو آهي.