ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي جون تڪبنديون ٺيڪ نه ٿيڻ ۽ تازو ٿيل مڪاني چونڊن خلاف ايندڙ آچر تي پريس ڪلب ويجهو ڦوهارا چوڪ تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڪالهه ايم ڪيو ايم جي ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي  ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي  چيو ته پاڪستان نازڪ موڙ تي آهي،هتي  ڪير به فيصلو ڪرڻ وارو ناهي، ڪمزور معيشيت ملڪ جي سياست ۽ جهموريت کي به ٻوڙيندي، اڄ پاڪستان جو محسن ۽  هن شهر جو پٽ ( جنرل مشرف) هاڻي ناهي رهيو، اڄ پاڪستان کي مشرف دور واري بنيادي جهموريت ۽ معيشيت گهرجي. هن چيو ته هيل آدمشماري پنج سال اڳ ۾ ٿي رهي آهي،  اسانکي آدمشماري ۾ پنهنجو هڪ هڪ ماڻهو  ڳڻائڻو آهي، اسان رياست کي چيو هو ته جيڪڏهن اسان جي اوهين ڳڻپ نه ڪندا ته پوءِ تور ڪرڻي پئجي ويندي، اسان جون کسيل سيٽون ڪنهن کان هضم نه ٿينديون، اهي سيٽون هاڻي اسانکي واپس ملي وينديون. اسانکي پنهنجي طاقت سان اليڪشن وڙهي طاقت بحال ڪرائڻي آهي، اسان  پ پ حڪومت کي هڪ هفتي جو الٽميٽيم ڏيون ٿا ته اوهان  ڪي ايم سي جي 53 يوسيز جي تڪبندين کي درست ڪريو،  هن چيو ته اسان چيو هو ته اسين اليڪشن نه وڙهنداسين ته اها اليڪشن تسليم ئي نه ٿيندي،  هاڻ آچر تي شهر جا سمورا رستا ڦوهارا چوڪ ڏانهن ويندا،  بهادرآباد واري آفيس ڦوهارا چوڪ تي لڳندي، اتان ئي تنظيمي نظام هلائينداسين، اسانجو  ڌرڻو تاريخي هوندو، جتي فيصلو ٿيندو ته ڪراچي جا ايم اين اي ۽ ميئر ڪير ٿيندو؟ 16 مارچ تي قومي تڪن تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ اسان کٽينداسين،ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪراچي ۾ پيئڻ جو پاڻي نٿو اچي، گٽرن جو پاڻي نڪال نٿو ٿئي سنڌ حڪومت واٽر هائيڊرنٽس لڳائي ڪراچي جو پاڻي وڪرو پئي ڪري، پ پ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي نوجوانن کي اڍائي سالن ۾ هڪڙي نوڪري ناهي ڏني، جيڪڏهن اڍائي لک نوڪريون ڏنيون آهن ته انهي مان 40 سيڪڙو ڪراچي وارن کي ملڻ گهرجن ها، اجلاس کي ڊاڪٽر فاروق ستار ، انيس قائمخاني ۽ ٻين خطاب ڪيو.