ڪراچي(م ڊ) اهلسنت جي عالمن قرار ڏنو آهي ته پاڪستان ۾ خودڪش حملن سميت دهشتگردي جون سموريون ڪارروائيون قطعي حرام، اسلام دشمني ۽ انسانيت دشمني آهن.مفتي منيب الرحمان جي صدارت هيٺ دارالعلوم نعيميه ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير جي ڪنوينشن ۾ سوئيڊن ۾ قرآن مجيد جي بيحرمتي، وياج بابت وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي تي به بحث ڪيو ويو. جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اسان ملڪي سلامتي لاءِ رياستي ادارن سان گڏ بيٺا آهيون. مفتي منيب الرحمان چيو ته اسلامي مقدسن جي توهين جي خاتمي لاءِ مسلمان حڪمران اثرائتا سفارتي ۽ اقتصادي قدم کڻن.