ملتان (م ڊ) نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه رٽائرڊ ٿيڻ وقت اِهو مڃيو ۽ ماڻهن کي چيو عمران خان جهڙو بلنڊر اسان کان ٿيو، هاڻي اعتراف ڪافي ناهي، مُلڪ ۽ قوم جي نرڙ تي لڳل داغ کي ڌوئڻو پوندو. ملتان ۾ ورڪرز ڪنونشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اڄ ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو آهي، والاريل ڪشمير جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ، جوانن، مائرن ڌيئرن کي سلام پيش ڪريان ٿي، هڪ ڏينهن ڪشمير پاڪستان بڻبو. هن چيو ته نواز شريف ۽ شهبازشريف کي احساس آهي، مُلڪ ۾ مهانگائي تي هو ڏکارا آهن، دل ۾ سخت تڪليف آهي ته عوام ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، اٽو، دال، چانور سبزيون، بجلي گيس مهانگي ٿي وئي آهي، جنهن تي مونکي به تڪليف ٿئي ٿي، عوام ڄاڻي ٿو ته مُلڪ ۾ مهانگائي ڪنهن جي پاليسين جو نتيجو آهي، پر نواز شريف جيئن پهريان مُلڪ کي بحران مان ڪڍيو هو، هاڻي به ڪڍندو. مريم نواز چيو ته ڌيءَ کي پيءَ جي سامهون گرفتار ڪيو ويو، ڪنهن نواز شريف کي روئيندي ڏٺو؟ شاهد خاقان، رانا ثناءُ الله، مفتاح اسماعيل مهينن تائين جيلن  ۾ قيد رهيا ڪير نه رنو، مون ڳوڙها نه ڳاڙيا، مقابلي جي دعويٰ ڪرڻ وارا اڄ ٻارن وانگر روئي رهيا آهن، هي پهريون ڀيرو بي فيض ٿيا آهن. نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو ته جنرل ( ر ) باجوا اعتراف ڪيو ته عمران خان جهڙو بلنڊر اسان کان ٿيو، بلنڊر جو اعتراف ڪافي ناهي، هي جيڪو داغ سياست جي نرڙ تي لڳو آهي ان کي ڌوئڻو پوندو ۽ کڻي ملڪ کان ٻاهر اڇلائڻو پوندو، هي بلندر نه هو، هي نانگ هو، جيڪو 5 ڄڻن جي ٽولي پاليو آهي، هاڻي اِهو ئي نانگ کين ڪکي رهيو آهي، اڄ پنجن ماڻهن جو ٽولو ڪٿي آهي، ويچارا رات جا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن، مقافات عمل ٿي رهيو آهي، اسان ڏسنداسين ته حساب به ٿيندو ۽ گناهن جي سزا به ملندي. مريم نواز چيو ته شهباز شريف 12 وڳي آفيس اچي 4 وڳي بني گالا ۾ وڃي نه ٿو لڪي پر هو صبح جو 6 وڳي ڪم شروع ڪندو آهي، اهو وقت به ايندو جو پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍي وينداسين، عوام 3 ڀيرا نواز شريف کي آندو هو، اميدن تي پورو لٿو، هنن 5 ماڻهن هڪ تجربو ڪيو، جنهن ملڪ ٻوڙيو، هن پنهنجي گهر جي معيشت ٺيڪ ڪئي پر ملڪ جي معيشت تباهه ڪري ڇڏي، خانه ڪعبه جي ماڊل واري گهڙي وڪرو ڪري ڇڏي، کيس شرم اچڻ گهرجي، گهڙي چور رڳو گهڙي چوري ناهي ڪئي، پاڪستان جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين تباهي آندي آهي. هن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جيڪو چئن سالن تائين چوندو رهيو ته کين روئاريندس، اڄ پاڻ ٻارن جيان روئي رهيو آهي، سياستدان روئيندا ناهن، ڄمي مقابلو ڪندا آهن پر عمران خان سياستدان ناهي، هن مُلڪي معيشت تباهه ڪري ڇڏي، جنهنڪري مهانگائي جو طوفان آيو. پي ٽي آءِ  چيئرمين طرفان جيل ڀريو تحريڪ جي اعلان تي هن چيو عمران خان جڏهن وزيراعظم هو ته چئن سالن تائين کيسا ڀريو تحريڪ هلائيندو رهيو، جيلون ڀرڻيون آهن ته پنهنجي ضمانت رد ڪرايو، ٻين کي چوي ٿو جيل ڀريو ۽ پاڻ ڊڄڻن وانگر زمان پارڪ جي بنڪر ۾ لڪيو ويٺو آهي. مريم نواز چيو ته نواز ليگ اليڪشن جي تياري ڪري رهي آهي، جيڪا چونڊ هارائڻ لاءِ نه پر کٽڻ لاءِ ڪري رهي آهي.