لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ شخص خلاف توهينِ مذهب جو ڪيس خارج ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق سليم شيخ ميانوالي ٿاڻي ۾ داخل توهينِ مذهب وارو ڪيس خارج ڪرڻ جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي چيو ته هڪ شخص کي سندس خوابن جي بنياد تي سزا نٿي ڏئي سگهجي. جسٽس طارق سليم شيخ لکت ۾ فيصلي ۾ لکيو ته پوليس کي جاچ ڪرڻ دوران جوابدار جي ذهني حالت جي درست هجڻ جو تعين ڪرڻ گهرجي، ذهني حالت تي شڪ جي صورت ۾ پوليس کي لاڳاپيل فورم کان ان جو نفسياتي معائنو ڪرائڻ گهرجي. عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي فيصلي جي روشني ۾ قدم کڻڻ لاءِ فيصلي جي نقل آءِ جي پنجاب ڏانهن اُماڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته گهڻي قدر ائين ٿيندو آهي ته گستاخي واري جوابدار جي ذهني حالت ٺيڪ ناهي هوندي. عدالتي فيصلي لکيو ويو آهي ته هڪ شخص هر رات خواب ڏسي سگهي ٿو جنهن تي ان جو اختيار ناهي، ڪنهن کي ان جي خوابن لاءِ سزا نٿي ڏئي سگهجي. جسٽس طارق سليم شيخ لکيو ته پاڪستان ۾ قانون ذهني بيمار ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪري ٿو، ذهني بيمار ماڻهن کي سزا کان بچائڻ گهرجي ۽ سندن علاج ٿيڻ گهرجي.