ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ، رتيديري واسي 2 سوٽ پراڻي زميني تڪرار تان قتل، ان ڏس ۾ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ مرتضيٰ چوڪ وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري 2 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب مارجي ويلن جي سڃاڻپ 55 سالن جي محمد شريف ولد قيصر عمراڻي ۽ 35 سالن جي گل بيگ ولد ساعت علي عمراڻي طور ٿي، پوليس موجب مقتولن جو تعلق رتيديري سان آهي. مقتول ۽ قاتل به پاڻ ۾ مائٽ آهن، ٻنهي ڌرين جو رتيديري ۾ زمين تان تڪرار هلندڙ هو، انهي تڪرار دوران رتيديري ۾ به اڳ ۾ 2 ڄڻا مارجي چڪا آهن ، زميني تڪرار بعد ٻئي مقتول سوٽ ڪراچي جي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ لڏي آيا هئا، پوليس موجب ٻئي لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن،