ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن  جي 25 ڪروڙن جي 3 رٿائن ۾ ڪرپشن: 2 ڀيرا جاچ ٿيڻ باوجود ٻن سالن کان ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اهو معاملو اينٽي ڪرپشن ڪاميٽيون ڏانهن نه اماڻيو، جاچ رپورٽ فائلن ۾ ئي دٻجي وئي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سيسي اختيارين پاران سال 2017ع ۾ گھوٽڪي، ڪراچي ۽ شهيد بينظيرآباد ضلعن ۾ 25 ڪروڙ جي لاڳت جا 3 منصوبا شروع ڪيا ويا هئا، جن ۾ ڪرپشن ٿيڻ بعد معاملو اينٽي ڪرپشن وٽ هليو ويو هو، اينٽي ڪرپشن جي جاچ ٽيم ساڳئي معاملي جون 2 ڀيرا الڳ الڳ انڪوائريون ڪري انجنيئر فاروق احمد، ڊپٽي ڊائريڪٽر اظهر ظهير ۽ 7 ڪمپنين  غوري انٽرپرائيزز، سعودي انٽر پرائيزز، سلمان شريف، شڪور ڪنسٽرڪشن ڪمپني، عبدالرشيد ڀٽو ۽  جاويد برادرز کي  ذميوار قرار ڏنو هو، جاچ ٽيم اينٽي ڪرپشن جي ڊائريڪٽر کي سفارش ڪئي هئي ته ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ذميوار قرار ڏنل آفيسرن توڙي ٺيڪيدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ مامرو چيف سيڪريٽري سربراهي ۾ قائم ٿيل اينٽي ڪرپشن ڪاميٽي ون وٽ اماڻيو وڃي. ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن اختيارين 2 سالن کان اهو معاملو اي سي سي ون ۾ اماڻڻ بجاءِ دٻائي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 2017ع ۾ ڄاڻايل ٽن منصوبن ۾ ڪرپشن جو اسڪينڊل ظاهر ٿيڻ بعد 5 سالن تائين ڪو نئون منصوبو ناهي آيو.