اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن لاءِ ڪل سيٽن ۽ نامزدگي فارم ڀرائيندڙ اميدورن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا ، اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ 101 يونين ڪائونسلن ۾ 3866 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، هر يونين ڪائونسل جي 6 مختلف ڪيٽيگرين تي چونڊ ٿيندي، چيئرمين/ وائيس چيئرمين جي 101 سيٽن لاءِ 537 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، جنرل ڪائونسلر جي 606 سيٽن لاءِ 1945، عورت ميمبرن جي 202 سيٽن لاءِ 546، نوجوان ميمبرن جي 101 سيٽن لاءِ 344، مزدور، ڪسان ميمبرن جي 101 سيٽن لاءِ 348، غير مسلم ميمبرن جي 101 سيٽن لاءِ 146 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، اميدوارن جي فهرست 14 نومبر تي لڳائي ويندي، نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال 18 نومبر تائين جاري رهندي.