توهان کي ڇاهي، رُلي ته اسان وياسين فيس بوڪ، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام جي بندش تي دلچسپ تبصرا

0
135

فيس بوڪ، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام جي سروس متاثر ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي جتي پريشاني جو اظهار ڪيو ويو اتي فيس بوڪ، ٽوئيٽر، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام لاءِ طنزيه پوسٽون به شيئر ڪيون ويون، ڊليٽ فيس بوڪ ٽرينڊ هلايو ويو، ان سلسلي ۾ جاويد جتوئي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھت تنھنجي ڪري سرخ ۽ سبز  انقلاب، احتجاج ۽ تحريڪون رڪجي ويون، تنھنجي پرڪارن ڪري ۹۹ سيڪڙو شاعر، اديب ۽ دانشور مايوس ٿي ويا، فيڪ خبرن واري سنگت ۾ سوڳ پئجي ويو، ٺرڪي ماتم ڪرڻ لڳا ۽ سالگرھ برگيڊ پار ڪڍي روئڻ لڳي، ٿوري جي سوائي دير ڪرين ته دراوڙ در تي پھچي توکان پڇاڻو ڪن ھان…!! ٻيھر ائين نه ڪجان، سسٽم پنھنجو ٽائيٽ رک. عرفان عالماڻي فيس بوڪ جي مالڪ جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته وڏي محنت ۽ جفاڪشي کانپوءِ يار فالٽ ڳولي لڌو جنهن تي نصرالله جمالي لکيو ته دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو اٿئين، عطا ميمڻ به ساڳئي تصوير شيئر ڪنديِ لکيو ته بس ٿورو انتظار، استاد ائين نه ڪر ڀرم رک، تنهنجي آسري اسين جهان کي دشمن ڪيو ويٺا آهيون، تون رڳو 7 ڪلاڪن ۾ دنيا جي امير ترين ماڻهن جي لسٽ مان پهرين نمبر کان 5 نمبر تي پهچي وئين ائين ڪيئن ڪم هلندو، وري به شاباس ٿئي 6 بلين ڊالر جو نقصان کڻي به سنگت جي ID دشمن جي چوڻ تي بند نه ڪئي. هڪ ٻئي صارف پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته محبوب سائين توھان کي ڇاھي، توھان ته ٻه لفظ “Sorry” چئي جان ڇڏائي، پر رُلي ته اسان وياسين، رات فليٽ کان 2 ڪلوميٽر پنڌ ڪري ٻيھر پيڪيج ڪرايو آ، تڏھن به نه ھليو، 2 دفعا موبائل “Restart” ڪيو تڏهن نه نه، وري رات دير تائين ڪراچيءَ ۽ لاھور واري سنگت کي فون ڪري انھن جي ننڊ ڦٽائي پوءِ خبر پئي ته “Fault” توڏانھن آ…ظلم آ يار…. ھيرائي ھٿ ناھن ڪڍبا… سڄي راڄ پريشان ڪيو ٿئي، ٻيلِي ڏاھو ٿي، ٻيھر ايئن نه ڪجان. محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته فيس بوڪ، واٽس اپ ۽ انسٽاگرام دنيا ۾ صرف 6 ڪلاڪ بند ٿيڻ سان مارڪ زڪربرگ جو 7 ارب ڊالرن جو نقصان ٿي ويو مارڪ زڪربرگ دنيا جي امير ترين ماڻهن جي درجي ۾ هڪ درجو به هيٺ ڪري پيو،