لکي غلام شاھ ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي

0
224

لکي غلام شاھ ( ن پ ا) لکي غلام شاھ ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي ٿي پيو آهي. شڪارپور رستم روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺ ٻورڙي واسي نوجوان ممتاز علي سيٺار مارجي ويو، جڏهن ته غلام هادي سيٺار زخمي ٿي پيو، مقتول جو لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال لکي غلام شاھ پهچايو ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو جاگيراڻي برادري ۽ سيٺار برادري جي پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي. ٻي پاسي سيٺار برادريءَ پاران جاگيراڻي ڌر مٿان الزام هڻندي چيو آهي فصل جي ڀيل تان ڇڪتاڻ هلندڙ هئي جنهن تان جاگيراڻي ڌر جي ماڻهن حملو ڪري نوجوان کي قتل ڪيو آهي.