فيس بوڪ ڪيتري ۾ کپائيندا؟

0
118

ٽوئيٽر صارفين پاران واٽس ايپ، فيس بوڪ ۽ انسٽاگرام جي بندش تي دل جي باهه ڪڍي وئي اتي مختلف قسم جا مزاحيه ۽ طنزيه ميمز به شيئر ڪيا ويا، ٽوئيٽر جي آفيشل اڪائونٽ تان متاثر ايپس مٿان طنز ڪيو ويو ٽوئيٽر جي شريڪ باني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جيڪ ڊورسي به ان موقعي تي پهچي ويو جنهن هڪ ميم ري ٽوئيٽ ڪيو جنهن ۾ فيس بوڪ جي وڪري جو اشتهار ڏنل هو ۽ چيو ويو هو ته فيس بوڪ ڊاٽ ڪام وڪري لاءِ موجود آهي جنهن تي جيڪ ڊورسي لکيو ته قيمت ڪيتري آهي، هڪ صارف لکيو ته فيس بوڪ ۽ انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جي قبر ملي آهي جتي ٽوئيٽر وڪٽري جي نشان سان آهي.