تعليم اسان جي ترجيحن ۾ ڪڏهن شمار ٿيندي؟

0
323

ملڪ جي اڪيلي اوپن يونيورسٽي، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، اسلام آباد ۾ پنهنجي ايم اي ايجوڪيشنل پلاننگ اينڊ مينجمينٽ دوارن وقتائتي سکيا (ورڪشاپ) ۾ ملڪ جي تعليمي نظام تي خاص ڪري، ۽ دنيا ۾ تعليمي اڳڀرائي ۽ تحقيق تي عام طور، جڏهن بحث مباحثا ڪندا هئاسين ته، ڪافي شيون نه صرف حيران ڪنديون هيون پر پريشان به ٿيندا هئاسين. سبب اها معلومات هوندي هئي جيڪي اتي موجود اسان جا انساني وسيلا (ريسورس پرسنز) اسان سان ونڊيندا هئا. هو ٻڌائيندا هئا ته ڪيئن دنيا اسان کان تعليم جي ميدان ۾ گهڻو تمام گهڻو اڳتي آهي، ۽ جڏهن ان جو ڪارڻ پڇندا هئاسين ته جواب ۾ چوندا هئا هڪ اتان جي ملڪن جي قيادت نه صرف پنهنجي ملڪن سان سچي آهي پر، پنهنجي عوام جي آڏو جوابده به هوندي آهي. ٻيو، قيادت پنهنجي پاليسين جي تسلسل کي قائم رکندي ايندي آهي. چوندا هئا پاڪستان کي صرف، ٻه اهڙا اڳواڻ مليا جن سان جيڪڏهن حياتي ۽ هن ملڪ جون طاقتور ڌريون نڀاءُ ڪن ها ته، پاڪستان جو وايو منڊل مڪمل طورکڻي، نه به سهي، پر، پوءِ به ڪافي ڪجهه بهتر هجي ها! انهن ۾ هڪڙو، هو قائداعظم محمد علي جناح ۽ ٻيو، هو ذوالفقارعلي ڀٽو.
جيئن ته ٻنهي جو تعلق سنڌ سان هو، ۽ تاريخ جي مطالعي مان سڌ پئي ٿي ته سنڌي عوام هميشه کان غلط ڪم کي ننديندو آيو آهي ۽ پاڪستان ۾ شامل ٻين علائقن جي برعڪس گهڻو لبرل ۽ آزاد خيال رهيو آهي، تنهن ڪري ڪجهه ڌرين کي هميشه هي شڪ رهندو هو ته ڪٿي پاڪستان لبرل ۽ سيڪيولر رياست، نه بڻجي وڃي ۽ پنجاب جنهن جو تاريخي ڪردار هميشه آپيشاهي ۽ سامراج سان ٻِٽُ ٿي بيهڻ وارو رهيو آهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پنجاب جو ڪردار خود آپيشاهي وارو رهندو آيو آهي. سو هو هن ملڪ جي انهن قومن ۽ سندن حقن کي ڪيئن تسليم ڪندو. هو چوندا هئا ته پاڪستان ۾ سنڌ اهو واحد خطو آهي جتي جا ماڻهو وڌيڪ سياسي شعور رکندڙ آهن پر، فني ۽ پيشيوراڻي اعتبار سان سنڌ جي ماڻهن ۾ ڄاڻ جي کوٽ هجڻ سان گڏ هنن جو پنهنجي ٻولي کي نه وسارڻ هڪ طرف ته هنن جي سڃاڻپ کي برقرار رکندو آيو آهي پر، هنن جي انهيءَ سڃاڻپ سبب پاڪستان جون سگهاريون ڌريون هنن تي ڪنهن به قسم جو اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. اسلام آباد جهڙي شهر ۾ لبرل پنجابي تعليمدانن جي واتان هي ۽ اهڙا کوڙ سارا جملا اڪثر ڪري ٻڌندا هئاسين.
انگلينڊ ۾ قائم، دنيا جي پهرين اوپن يونيورسٽي، جنهن جو بنياد برٽش جي ليبر پارٽي جي وزيراعظم مسٽر هرولڊ ولسن (1916 –1995)  جي ان فلاسافي جي پويان سال 1969ع ۾ انهي ڪري وڌو ويو ته، جيئن ماڻهو نوڪري دوران پنهنجي تعليم کي جاري رکي سگهن ۽ زماني سان گڏ هلندا رهن يعني علمي ميدان ۾ جيڪا اوسر ٿئي ٿي، نوان علم ۽ هنر مُتعارف ٿين ٿا، علم جي انهن شعبن ۾ نوڪري ڪندڙ ماڻهو داخلا وٺي ڪري پنهنجي پنهنجي صلاحيتن کي اوسر ڏئي سگهن. بلڪل انهيءَ ساڳي فلاسافي کي نظر ۾ رکندي پيپلز پارٽي جي باني ۽ ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي(1928-1979) سال 1974ع ۾، اسلام آباد ۾، “پيپلز اوپن يونيورسٽي” نالي هن يونيورسٽي جو بنياد وڌو. جنهن کي سال 1977ع ۾، جنرل ضياءَ پاران هڪ نئون نالو، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ڏنو ويو. ياد رهي ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، اسلام آباد، دنيا جي ٻي ۽ ايشيا ۽ آفريڪا جي پهرين اوپن يونيورسٽي آهي.
18هين آئيني ترميم کانپوءِ، کوڙ سارا اهڙا شعبا آهن جيڪي صوبن جي حوالي ڪيا ويا آهن جن ۾ تعليم جو شعبو به شامل آهي يعني تعليم جي مڪمل اختياري هاڻي صوبن جي ذميداري آهي. 18 هين ترميم جي پاس ٿيڻ کانپوءِ تعليم جي شعبي کي صوبن جي حوالي ڪرڻ واري عمل ۽ اعلان سبب آئين پاڪستان جي پهرين باب جي شِقِ 25 ۾ رياستِ پاڪستان جي هڙني شهرين جي بنيادي حقن جي تحفظ جي ضمانت کي يقيني بڻايو ويو آهي انهيءَ ساڳي شق ۾ اضافي شق 25 (الف) جو واڌارو ڪندي هڪ اهم ضمانت هي ڏني وئي ته، رياستِ پاڪستان، پنجن کان 16 سالن جي عمر وارن ٻارن کي مفت ۽ لازمي تعليم مهيا ڪرڻ جي ذميدار آهي. پوءِ به ِشِق 25 (الف) جي عملدرآمدي کي وڌيڪ موثر ۽ ڪارآمد بڻائڻ جي لاءِ ملڪ جي سڀني صوبن تي هي ذميداري عائد ڪئي وئي ته، صوبا هن سلسلي ۾ وڌيڪ قانونسازي ڪري سگهن ٿا، ته جيئن “ڊاڪار ڪانفرنس”جا مقصد حاصل ڪري سگهجن.
سال 2000ع ۾ اولهه آفريڪا جي ملڪ سينيگال جي گادي واري شهر ڊاڪار ۾ اقوامِ متحده جي هڪ اداري يونيسڪو پاران تعليم جي حوالي سال ڪوٺايل هڪ ڪانفرنس “تعليم سڀني لاءِ” (ايجوڪيشن فار آل). جنهن ۾ پاڪستان سميت دنيا جي ڪل 164 ملڪن شرڪت ڪئي. انهن سڀني ملڪن جي نمائندن /سربراهن هي عَهد ڪيو ته، سال 2015ع تائين هر ٻار جي اسڪول ۾ شرڪت کي يقيني بڻايو ويندو (2015ع تائين هي مقصد حاصل ڪونه ٿي سگهيو). ٻارهجي يا نوجوان يا ٻڍو، بنيادي ۽ معياري تعليم هر ڪنهن جو پيدائشي حق آهي. ڊاڪار ڪانفرنس “تعليم سڀني لاءِ” جا بنيادي 6 نڪتا هي هئا. 1. ٻاراڻي تعليم ۽ سارسنڀال کي عام ڪرڻ 2. هر ڪنهن لاءِ مفت ۽ معياري تعليم کي يقيني بڻائڻ 3. نوجوانن ۽ وڏن جي لاءِ هنري مرڪز ۽ ادارا کولڻ، جيئن هو معاشري جا ڪارآمد شهري بڻجن 4. خواندگي بها کي وڌائڻ 5. جنسي مساوات کي يقيني بڻائڻ ۽ 6. تعليم جي معيار کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ.
هن ڪانفرنس دوران يونيسڪو تي هي ذميداري رکي وئي ته، اها تعليم جي حوالي سان ٻين اوسر سهڪارين (ڊولپمنٽ پارٽنرز) سان هميشه لهه وچڙ ۾ رهي، جهڙوڪ يو اين ڊي پي، يو اين ايف پي اي، يونيسيف ۽ ورلڊ بينڪ ۽ هڪ وڏي ايجنسي جي حيثيت سان يونيسڪو پنجن کيترن 1. “مولنيتي گفتگو” (پاليسي ڊائلاگ) جو هميشه جاري رهڻ 2. تعليمي جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀراين جي موثر نموني سان “نگراني” ڪرڻ 3. تعليم جي لاءِ ٻين ساٿارين کي “موهڻ ۽ مائل” ڪرڻ 4. “فنڊن جي فراهمي” کي متحرڪ ڪرڻ ۽ 5.“صلاحيتي اوسر” (ڪئپسٽي بلڊنگ) لاءِ جاکوڙ ڪرڻ تي زور ڏيندي رهندي.
پاڪستان جو شمار جيئن ته، ترقي پذير ملڪن ۾ ٿئي ٿو ۽ هتي سياسي نظام جون پاڙون ايتريون پختيون ڪونه آهن سو زندگي جي هر ميدان ۾ پاڪستان جي هر اداري جي اوسر جي رفتار، نه صرف سست آهي پر، تمام گهڻو سست آهي. پاڪستان جيئن ته، دنيا جي نقشي تي سال 1947ع ۾ هڪ نئين ملڪ جي طور اڀريو هو سو هن نئين ملڪ جي حيثيت به هر ان تازي ڄاول ٻار جهڙي هئي جنهن کي تمام گهڻي سارسنڀال، پرگهور، حيلي وسيلي جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن هو اڳتي وڌي ڪري زندگي جي ميدان ۾ ڪا نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ ڪٿي به مايوس نه ڪري پر، جنهن کي اسين قسمت چئون يا ڪنهن جي ڪارستاني جو هن ملڪ کي نه اها سار سنڀال ملي، نه ئي اهڙي پرگهور ۽ نه ئي وري حيلي وسيلي جي سهولت. الٽو سياستدانن جي ڪرتوتن ۽ سگهارين ڌرين جو سياست ۾ ٽنگ اڙائڻ جي ڪري نه ئي وري پختو سياسي نظام، جنهن کي سامهون رکي اسان هن ملڪ جي لاءِ دنيا ۾ ڪا نيڪ نامي ڪمائي سگهون. بلڪل اهڙوئي حال هن ملڪ جي تعليمي شعبي جو رهيو آهي. زندگي جا ڪافي سال سنڌ جي تعليم کاتي ۾ هڪ معاهداڻي ملازم جي حيثيت سان ڪم ڪندي مونکي هي شڪ ٿيندو آهي ته تعليم، سنڌ حڪومت ته ڇا، سنڌ جي مخصوص سماجي بيهڪ ۽ معاشرتي حالتن سبب عام ماڻهو جي ترجيح ۾ به شامل ناهي.