تصوير ڪهاڻي هٿ جون لڪيرون

0
187
تصوير ڪهاڻي هٿ جون لڪيرون

 رني ڪوٽ ۾ ھن پورھيت عورت سان ھٿ ملائيندي مون کان بي اختيار ڇرڪ نڪري ويو، مون کي ايئن لڳو ڄڻ ڪنھن سخت ڪاٺ جو ٽڪر منھنجي ھٿ ۾ ڏئي ڇڏيو ھجي، جڏھن ھن جو ھٿ مون پنھنجي ھٿ تي رکي کولي ڏٺو تڏھن ھن جي ھٿ ۾ موجود انيڪ چٽين لڪيرن ھن جي زندگي جي ھر ڏينھن جي روئداد ڏاڍي واضح انداز سان پئي ٻڌائي. منھنجي دل چيو ڪنھن ھٿ جي لڪيرن کي سمجھڻ واري ماھر کي سڏجي ۽ کيس چئجي ته ھاڻي ھي ھٿ جي لڪيرن جو ڪتاب پڙھي ٻڌاءِ.؟؟؟؟ (ساجده کهاوڙ جي فيس بوڪ وال تان ورتل)