روم (م ڊ) ترڪيه کان اٽلي ويندڙ غيرقانوني پناهگيرن جي ٻيڙي سمنڊ ۾ ٻڏي وڃڻ سبب پاڪستانين سميت 58ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب آچر تي ڪلابريا جي سمنڊ ڪناري کان ڪوٽلي جي ڏکڻ اولهه ۾ پناهگيرن جي ٻيڙي جبل سان ٽڪرائجي وئي ۽ زوردار لهرن جي ور چڙهي وئي. اهو اڃا تائين واضح ناهي ته ٻيڙي ڪٿان آئي پر مقامي اختيارين ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ٻيڙي ۾ سوار ماڻهو پاڪستان، ايران، عراق، شام، افغانستان ۽ صوماليا جا هئا. اطالوي وزيراعظم جورجيا ميلوني هڪ بيان ۾ چيو آهي ته حادثي جو شڪار ٿيل ٻيڙي ۾ اٽڪل 200 ماڻهو سوار هئا، جڏهن ته مقامي پوليس اهلڪارن موجب اهو انگ 150 ۽ 180 هو. اطالوي اختيارين واقعي جو اطلاع ملندي ئي علائقي ۾ وڏي پيماني تي سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.اختيارين موجب حادثي ۾ 58 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن ۾ هڪ ٻار به شامل آهي، 80 کان مٿي ماڻهن کي بچايو ويو آهي، ڪيترن ئي ماڻهن جا لاش ترندا سمنڊ ڪناري تي پهتا، گذريل ڪيترن ئي سالن کان آفريڪا ۽ ايشيا جي غريب ملڪن جا ماڻهو بهتر مستقبل جي ڳولا ۾ غير قانوني طور يورپ خاص ڪري اٽلي پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ان دوران هزارين ماڻهو مري به ويا آهن.